خوات بن جبير ؓ

خوات بن جبير ؓ: رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جو معتبر اصحابي، جنهن کي پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پنهنجو سوار (سواري ڪاهڻ وارو) مقرر ڪيو هو. حضرت خواتؓ جو اَوس قبيلي سان تعلق هو. هُو نهايت دلير ۽ بهادر شخص هو. هجرت کان اڳ ۾ مسلمان ٿيو ۽ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ سمورين غزون (اُهي جنگيون، جن ۾ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم پاڻ شامل هئا) ۾ شريڪ رهيو. (شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا)


هن صفحي کي شيئر ڪريو